رند، هارون

رند، هارون

رند هارون

رند، هارون: پاڪستان ٽيليويزن جو نامور پروڊيوسر هارون رند ولد محمد اسماعيل رند، 23 ڊسمبر 1946ع تي ڳوٺ محمد يوسف بلوچ، شهر ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان وٺي سندس طبعي لاڙو فلم ۽ فنڪاريءَ طرف هو، ڇاڪاڻ ته فلم ۽ ريڊيو سان لاڳاپيل ڪيتريون شخصيتون سندس عزيز هيون. عبدالڪريم بلوچ ۽ مشهور اداڪار ساقي سندس چاچا ۽ نامور ڪهاڻيڪار علي بابا سندس ويجهو عزيز ٿئي.
هارون رند عملي زندگيءَ جي شروعات ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ۾ سائونڊ رڪارڊسٽ کان ڪئي. ان کان پوءِ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تي 17 جولاءِ 1973ع کان اسسٽنٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو، جلد ئي بهترين ڪارڪردگي ڏسي، هڪ آڪٽوبر 1974ع تي کيس پروڊيوسر طور ترقي ڏني وئي.
هارون رند انتهائي محنتي ماڻهو هو ۽ کيس پنهنجي فن سان گهري دلچسپي هئي. 1976ع ۾ جڏهن پي. ٽي. ويءَ جي رنگين ٽرانسميشن شروع ٿي ته هارون رند خاص تربيت لاءِ جرمنيءَ موڪليو ويو. هن ڪيترا ڊراما پروڊيوس ڪيا، پر علي بابا جي لکيل سولو پلي ’دنگي منجهه دريا‘ کيس عالمي شهرت بخشي. هي ڊرامو مهاڻن جي زندگيءَ تي فلمايل هو، جنهن ۾ نور محمد لاشاري ۽ جيجي زرينا اهم رول ادا ڪيو هو. هي ڊرامو ذوالفقار علي ڀُٽي به ڏٺو هو ۽ ان کان متاثر ٿي هن مهاڻن تان مڇي مارڻ جا لائسنس معاف ڪيا هئا. هارون رند جي هن ڊرامي جرمنيءَ جي ڊراما فيسٽيول ۾ ٽيون نمبر انعام کنيو هو. 1976ع ۾ هارون رند کي هن ڊرامي تي پي. ٽي. وي اوارڊ به ڏنو هو.
هارون رند جي شاگردن ۾ محمد بخش سميجو، فيض ٻگهيو تمام وڏا پروڊيوسر ثابت ٿيا. هارون رند، 57 سالن جي عمر ۾ 2 جولاءِ 2003ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس چاچي ۽ مشهور اداڪار ساقيءَ جي ڀر ۾ دفنايو ويو. هارون رند کي ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.12.23  عيسوي

پاڪستان ٽيليويزن جو نامور پروڊيوسر هارون رند ولد محمد اسماعيل رند، 23 ڊسمبر 1946ع تي ڳوٺ محمد يوسف بلوچ، شهر ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو.


1973.07.17  عيسوي

هارون رند عملي زندگيءَ جي شروعات ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ۾ سائونڊ رڪارڊسٽ کان ڪئي. ان کان پوءِ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تي 17 جولاءِ 1973ع کان اسسٽنٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو، جلد ئي بهترين ڪارڪردگي ڏسي، هڪ آڪٽوبر 1974ع تي کيس پروڊيوسر طور ترقي ڏني وئي.


2003.07.02  عيسوي

هارون رند، 57 سالن جي عمر ۾ 2 جولاءِ 2003ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير شهاب الدين لڪياري
بابا بهار بخش خان
پريـم پارڪـري پـارو مل پريمي
دريا خان شنباڻي
حڪيم مولوي عبدالستار چنو
جانش بهادر ۽ جان بيگ
بخش علي لاکو
جڳواڻي سندر مينگهراج مجرم
سهراب خان ٽالپر مسڪين
ڏيرو عبدالڪريم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون